بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش

0
365
وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف

 ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي آهي

بي اعتمادي جي رٿ صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران پاران پيش ڪئي وئي. عبدالرحمان کيتران بي اعتمادي رٿ پيش ڪندي چيو ته وڏي وزير ڄام ڪمال جي خراب حڪمراني سبب مايوسي، بدامني، بيروزگاري ۽ ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي

عبدالرحمان کيتران چيو ته ڄام ڪمال پاڻ کي عقل ڪل سمجهي سمورا معاملا صلاح مشورن کانسواءِ هلائي رهيو آهي، جنهن سان صوبي جي مفادن کي ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته وڏي وزير ڄام ڪمال خان کي خراب ڪارڪردگي تي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي

وڏي وزير ڄام ڪمال کي عهدي تان هٽائڻ واري مهم ۾ اپوزيشن سان گڏ حڪومتي ميمبر به شامل ٿي ويا آهن. وڏو وزير ڄام ڪمال اڳ ئي چئي چڪو آهي ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفا نه ڏيندو

ھي به پڙھندا

ڄام ڪمال عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري: عبدالقدوس بزنجو