بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي رِٿ جمع

0
349
وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائي وئي، بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائي آھي، رٿ تي اپوزيشن جَي 16 ميمبرز جون صحيحون ٿيل آھن.

 رٿ ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڌيڪ 17 ميمبرز گهربل، اپوزيشن دعويٰ ڪئي آهي ته بي اعتمادي رٿ واري ڏينهن سڀ نمبرز پورا هوندا، وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته کيس بي اعتمادي رٿ جي پرواهه ناهي، سندس جماعت ۽ اتحادي گڏ آهن ته اپوزيشن سان فرق نٿو پوي، جنهن ڏينهن پارٽي ۽ اتحادين بي اعتمادي ظاهر ڪئي، عهدو ڇڏي ڏيندس.