ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي مخالف ڌر بجيٽ کي رد ڪندي ان ۾ دير جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سندن سڏ تي صوبي جي مختلف شهرن ۾مڪمل هڙتال ڪئي وئي. مليل اطلاعن موجب بلوچستان جي بجيٽ 18 جون اڄ پيش ٿيڻي آهي پر مخالف ڌر ان تي سخت اعتراض واريا آهن ۽ بجيٽ ۾ صلاح نه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. ڪالهه مخالف ڌر جي پارٽين جي سڏ تي ڪوئيٽا، تربت، مستونگ ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. مخالف ڌر بجيٽ ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.