شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين ھارين آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران کير ٿر ڪئنال سيف الله مگسي ڪئنال ۾ بلوچستان جو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ من پسند ڳوٺن جي سروي ڪرڻ سرڪاري امداد من پسند ماڻهن ۾ ورھائڻ خلاف عبدالخالق کوسو ۽ وھاب پندراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پھچي 3 ڪلاڪن ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  عبدالخالق کوسو، مير ڪجلو، خان مغيري، ذوالفقار علي جمالي، وھاب پندراڻي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته بلوچستان جي ٻوڏ واري زھريلي پاڻي کي زبردستي کير ٿر ڪئنال ۽ سيف الله مگسي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪري شھدادڪوٽ قبوسعيدخان ۽ ڪچي پل جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن بلوچستان جي ٻوڏ واري زھريلي پاڻي جو ڇوڙ بند نه ڪيو ويو ته ٽنھي تعلقن ۾ ڪڻڪ جو فصل نه ٿي سگهندو، هنن چيو ته  ھارين ۽ آبادگارن کي تباه ڪيو وڃي اھو ھر صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، آبادگارن چيو ته سنڌ سرڪار پاران راشن ۽ خيما من پسند ماڻهن کي ڏيئي ظلم ڪيو آهي، حقدارن جي واهر ناهي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زهريلو پاڻي ڇوڙ بند ڪرائي واهر ڪئي وڃي.