بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سياسي پارٽيز جي درخواستن تي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيسز جاري

0
385
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي: بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سياسي پارٽيز جي درخواستن تي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيسز جاري ڪيو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سموريون سياسي پارٽيز چونڊون ملتوي ڪرائڻ تي متفق آهن

ھن چيو تھ سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس جا منٽس به عدالت ۾ جمع ڪرايا اٿئون

 عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سياسي پارٽيز دير سان فيصلو ڇو ڪيو؟ چونڊ مرحلو ته اپريل کان هلي پيو، منٽس پيش ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪئي وئي؟ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار اهم آهي، ڪميشن جو به موقف ٻڌو ويندو، عدالت سنڌ سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کان 23 جون تي جواب طلب ڪري ورتو

ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ضمني ۽ بلدياتي چونڊن لاءِ انتظامن جو جائزو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٻن مرحلن ۾ ڪرايون پيون وڃن

پهرئين مرحلي ۾ 21 هزار 298 اُميدوار حصو وٺي رهيا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2 هزار 980 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪئي ويندي، سي سي ٽي وي ڪئميراز به لڳائڻ جو فيصلو، سمورن ڪمشنرز کي ٻن ڏينهن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي سهولتون مڪمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي