نئون ديرو(ن پ ا) نئين ديري ۾ يونين ڪائونسل عزت جي وانڍ جي ڳوٺ وڏا موهل جي رهواسي برسات متاثرن ستار ميراڻي، ساجد ميراڻي، غلام عباس ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.اڳواڻن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جا ووٽر آهيون،برساتن ۾ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ٻچڙن سميت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، ڪنهن به سار ناهي لڌي.پ پ اڳواڻ من پسند ماڻهن کي رات جو راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو امدادي سامان ڏئي وڃن ٿا.اسان کي ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، پاڻي بيهڻ سبب ٻارڙا توڙي وڏا بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. مظاهرين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته نام نهاد اڳواڻن، چونڊيل چيئرمين توڙي ڪائونسلرن خلاف قدم کڻي کين عهدن تان هٽايو.