بلاول ھائوس جي ميڊيا سيل ۾ لڳل باھھ تي 2 ڪلاڪن کانپوءِ ضابطو آندو ويو

0
308

ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي، جنھن تي 2 ڪلاڪن کانپوءِ باھھ تي ضابطو آندو ويو، ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ اڳوڻي صدر آباد علي زرداري جي رھائش گاھھ بلاول ھائوس جي ميڊيا سيل ۾ باھھ لڳي وئي، فائر برگيڊ انتظاميا موجب آتشزدگي جي اطلاع تي شھر جي مختلف مرڪزن مان باھھ وسائڻ واري عملي ۽ 6 فائر ٽينڊ باھھ وسائڻ جي لاءِ پھچي ويا ۽ 2 ڪلاڪن جي جدوجھي کانپو3 باھھ وسائي وئي، پوليس جي ابتدائي رپورٽ موجب ميڊيا هائوس جي مانيٽرنگ سيل ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جو سبب ٻڌايو ويو آھي. فائر برگيڊ جي پھچڻ کان پھريان عملي پنھنجي مدد پاڻ تحت باھھ وسائڻ جي ڪوشش بھ ڪئي، باھھ لڳڻ سبب بلاول ھائوس جي ميڊيا سل جي ڪانفرنس ھال، آرڪائيو ھائوس، ميٽنگ روم ۽ اسٽور روم کي نقصان پھتو، جڏھن تھ خوشقسمتي سان ڪوبھ جاني نقصان نھ ٿيو.