بلاول ڀٽو ۽ فضل الرحمان ۾ اھم ملاقات، پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ وڇوٽيون ختم ٿيڻ جا امڪان

0
396

ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ وڇوٽيون ختم ٿيڻ جا امڪان آھن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ بعد پهريون ڀيرومولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه  ڪئي وئي

ذريعن موجب  پارليامينٽ ۾ حڪومتي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪردار تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد پ پ ۽ پي ڊي ايم ۾ برف پِگهرڻ لڳي آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان جنهن شيءِ ۾ هٿ وجهندو آهي اتي تباهي ايندي آهي: بلاول ڀٽو