لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان  لاڙڪاڻي واسين کي معياري ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن لگزري انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاح بعد بلاول ڀٽو زرداري ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ پ پ  ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سان گڏجي لگزري بس جو سفر ڪيو، جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس ايئرڪنڊيشن لگزري بسن جي روٽن بابت آگاهي پڻ ڏني. واضع رهي ته ڪراچي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ لگزري انٽرا سٽي بس جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي معياري ۽ سستي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.