بلاول ڀٽو جو شادي بابت ڪھڙو پلان آهي؟

0
547

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان شادي بابت سوال ڪيو ويو

بلاول ڀٽو جيڪو هن مهيني 34 ورهين جو ٿي ويو آهي، مداحن ۽ ماڻهن کي سندس شادي ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي ته هو شادي ڪڏهن ڪندو ۽ ڪهڙي عورت بلاول جي شريڪ حيات ٿيندي

صحافي ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ مختصر ڳالھھ ٻولھھ جي وڊيو عرب نيوز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جنهن ۾ صحافي سوال ڪيو ته منهنجا پاڪستاني دوست پڇي رهيا آهن ته ڇا توهان جو شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي؟

https://twitter.com/arabnewspk/status/1573401235100962822?ref_src=twsrc%5Etfw%7Ctwcamp%5Etweetembed%7Ctwterm%5E1573401235100962822%7Ctwgr%5E2c0bfa1f98289f0c06e85f26c28650ba88560c69%7Ctwcon%5Es1_&ref_url=https%3A%2F%2Furdu.geo.tv%2Flatest%2F300660-

بلاول ڀٽو زرداري مسڪرائيندي جواب ڏنو ته بلڪل مان شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو، پر ان مختصر جواب کانپوءِ بلاول شادي جي وقت بابت صحافي جي سوال جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي اڳتي وڌي ويو ۽ شادي جي وقت بابت ڪجهه به نه ٻڌايو

واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ 2019ع ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته بلاول 2023ع ۾ وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪندو