بلاول پنهنجي ڏاڏي بابت تعزيتي پيغام ۽ ڪجهه تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

0
317
تعزيتي پيغام ۽ ڪجهه تصويرون شيئر
بلاول پنهنجي ڏاڏي بابت تعزيتي پيغام ۽ ڪجهه تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل ڏاڏي جي حوالي سان ٽوئٽر تي تعزيتي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ ڪجهه ياددگار تصويرون به شيئر ڪيون

ٽوئٽ ۾ بلاول لکيو ته انتهائي ڏک سان اسان اِن ڳالهه جو اعلان ڪري رهيا آهيون ته اسان جي پياري ڏاڏي زرين آراءَ زرداري مرحوم حاڪم علي زرداري جي گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، بلاول پنهنجي ڏاڏي جي مغفرت لاءِ دعا جي درخواست پڻ ڪئي آهي

مرحومه زرين آراءَ زرداري پنهنجي پوٽيءَ بختاور سان گڏ، فوٽو: بلاول ٽوئٽر

خيال رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف زرداري جي امڙ ۽ حاڪم علي زرداري جي ٻي گهر واري زرين آراءَ لاڏاڻو ڪري وئي هئي

مرحومه زرين آراءَ پنهنجي مڙس حاڪم علي زرداري سان گڏ ويٺل آهي، فوٽو: بلاول ٽوئٽر

مرحومه زرين زرداري بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو، حاڪم علي زرداري، آصف زرداري ۽ بختاور ڀٽو جي هڪ يادگار تصوير، فوٽو: بلاول ٽوئٽر

مرحومه زرين زرداري، آصف زرداري، بينظير ڀٽو ۽ اُن جي والده نصرت ڀٽو جي ياددگار تصوير، فوٽو: بلاول ٽوئٽر