گمبٽ/ کھڙا/ راڻيپور/ اڳڙا (نمائندن وٽان) ام رباب چانڊيو مختلف هنڌن جا دورا ڪيا، کهڙا ۾ ام رباب چانڊيو ناري روبينا اڄڻ جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪري همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ام رباب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روبينا اڄڻ جي اصل قاتلن کي پوليس گرفتار ڪري ناهي سگهي، هن چيو ته اسان مذمت ڪرڻ واري قوم آهيون اسان کي مزاحمت ڪرڻ نه ٿي اچي اسان کي مزاحمت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پوندو، ام رباب وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سسٽم جي نااهلي آهي اسان جي سسٽم ۾ انصاف دير سان ٿو ملي، هوڏانهن سنڌ جي سورمي بھادر نياڻي اُم رُباب چانڊيو پريس ڪلب گمبٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وقت جا سردار ڀلي ڏاڍا ٿي، وقت جي حڪمراني جي ڏاڍ تي عدالت ۾ ڪوڙ تي مبني ڳالھيون ڪن ٿا، پر مونکي يقين آهي ته مون سان انصاف ضرور ٿيندو. سرداري نظام خلاف آھيان،ان کان اڳ پريس ڪلب گمبٽ جي صدر صفدر سھتو,قاضي عمران ۽ ٻين سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو کي اجرڪ اوڍايو .ٻئي طرف ام رباب چانڊيو راڻيپور ۾ مختلف هنڌن تي ڏنل آجياڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بلاول ڀٽو مان انصاف جي اميد ھئي پر ان به مايوس ڪيو آھي، منھنجي گھر جا چار ڀاتي بيدردي سان قتل ڪيا ويا ملڪ جي ھر اداري اڳيان انصان لاء دانھيو آھي پر منھنجو ڪيس سست رفتاري سان ھلي رھيو آھي سردار چانڊيو ۽ برھان چانڊيو منھنجي والد ۽ چاچن جي قتل ۾ ملوث آھن پر سنڌ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران سردارن جي ڪمدار بڻيل آھي، ھن چيو ته ميھڙ واقعي جي انصاف لاء منھنجي جھدوجھد جاري رھندي سنڌ جو عوام مڪمل طور مون کي سپورٽ ڪري ٿو جنھن سبب مان سنڌي عوام جي ٿورائتي آھيان ھن چيو ته عدليه تي مون کي مڪمل اعتماد آھي دير سھي پر مون کي ھڪ ڏينھن انصاف ضرور ملندو .ٻئي پاسي سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو راضيديرو پهچي شيخ برادري جي ٽن مقتولن غلام حسين شيخ، علي رضا ۽ همت علي جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک اظهار ڪيو.