ڪراچي(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پي ڊي ايم جو شوڪاز نوٽيس ڦاڙڻ واري عمل تي تبصرو ڪندي نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق سخت تنقيد ڪئي آهي. ان خبر تي تبصرو ڪندي ناليواري اينڪر ڪامران يوسف چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي گڏيل قومن ۾ ڦاڙيل تقرير جي ياد تازي ٿي وئي، ان تي تبصري ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته گڏيل قومن جي جنگ بندي واري قرارداد ڦاڙڻ متحده پاڪستان کي گهڻو مهانگو پيو هو. جڏهن ته نئين چونڊيل ايم اين اي سيده نوشين افتخار چيو ته بلاول ۽ زرداري جي ان ئي سياست پيپلز پارٽي کي هن مقام تي پهچايو آهي، سنڌ کانسواءِ پنجاب جي اڪثر تڪن ۾ ٻن اڍائي هزارن کان وڌيڪ ووٽ هن پارٽي جو ناهي ۽ نوٽيس ائين ڦاڙي رهيا آهن ڄڻ پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جا مالڪ هجن. ٻئي طرف احسن اقبال نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي شوڪاز نوٽيس ڦاڙڻ نه گهرجي ها، هن نوٽيس ڦاڙي پي ڊي ايم ۾ پنهنجي سياست کي به پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي. اهو شوڪاز نه پر وضاحتي نوٽيس هو.