هالا (ن پ ا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي مختلف علائقن جي پنجن ڏينهن جي دوري دوران اڄ هالا پهچڻو هو، آمد جون تياريون مڪمل ڪيون ويون پر اوچتو بلاول جو دورو ملتوي ٿي ويو، جنهن سبب پوري شهر توڙي مخدوم هائوس مخدوم رفيق الزمان جي بنگلي ۾ لڳايل شاميانو لاٿو ويو، ان سلسلي ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان جي پي اي غلام اڪبر ڀٽو پاران روزانه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هالا آمد لاءِ مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم فخرالزمان جي هدايت جي تياريون مڪمل طور ڪيون ويون پر بلاول ڀٽو زرداري جي پاران سندس ذاتي مصروفيتن سبب هالا اچڻ کان معذرت ڪئي وئي، جنهن تي سموريون تياريون ختم ڪيون ويون آهن.