اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ان ڪري روئي رهيو آهي ته جيئن وفاق سڌي ريت پئسا انهن کي ڏئي ۽ انهن جي ڪرپشن جو ڪم هلندو رهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پرچي چيئرمين وٽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي صلاحيت ناهي، سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ 200 ارب خرچ ڪري رهيا آهيون، ڪي فور، گرين لائن منصوبو وفاق ٺاهي رهيو آهي.