اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي پنجاب صوبي سان واسطو رکندڙ اعليٰ قيادت سان گڏ اسلام آباد شهر جي دوري تي نڪري پيو ۽ اهو دورو هن بنا پروٽوڪول جي ڪيو. هن اسلام آباد جي ايف 7 جناح سپرمارڪيٽ ۾ پهچي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جي ٺيلهي تي ويهي چانهن به پيتي، ان موقعي تي ماڻهو به گڏ ٿي ويا جن ساڻس سيلفيون ٺاهيون.