بلاول جا بيان ۽ بلاول جي بهادر امڙ

0
212
بلاول جا بيان ۽ بلاول جي بهادر امڙ

  پاڪستان جي نوجوان پرڏيهي وزير  بلاول ڀٽو زرداري 27 ڊسمبر واري شام، پنهنجي بهادر امڙ جي پندرهين ورسي جي موقعي تي جيڪي ڪجهه ڳالهايو اهو روايتي هو پر ورسي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، واشنگٽن، آمريڪا ۾، ميڊيا سان ڳالهائيندي جتي پاڪستاني سفارتخاني ۽ پاڪستاني هوٽل جي وڪري، ۽ پنهنجي غير ملڪي دورن جي خرچن ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهيون ڪيون ۽ بيان ڏنا آهن اتي هن پاڪستان اندر ٿيندڙ تازن دهشتگرد حملن ۽ دهشتگردي پاليسي جي حوالي سان به ڪافي ڪجهه ڳالهايو آهي توڙي جو هن پنهنجي امڙ محترما بينظير ڀٽو شهيد وانگي پنهنجي موقف کي چٽو ۽ کرو نه پر گهڻو سياسي رکيو آهي پر ان جي باوجود سندس  هنن بيانن کي ممڪن حد تائين چئي سگهجي ٿو ته عالمي پذيرائي ملي رهي آهي جيڪا هڪ ڪامياب سفارتڪار جي هاڪاري سڃاڻپ آهي. ۽ هي به ممڪن آهي ته پنهنجي موقف کي سياسي رکڻ ۾ سندس ڪا سياسي مجبوري هجي يا پارٽي پاليسي هجي يا ڪا خانداني تنبيهه، جنهن ۾ هن کي طالبان جي ڪاررواين جي حوالي سان بيان ڏيڻ ۾ محتاط رهڻ لاءِ چيو ويو هجي ڇاڪاڻ جو سندس ناناڻي خاندان جو سياست ۽ مذهبي انتهاپرستي جي حوالي سان جيڪو موقف رهيو آهي اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي. اهوئي خاص ڪارڻ هو ته هن ملڪ جي پنجهتر سالن جي سياسي، غير سياسي، ۽ انتظامي يا انتقامي تاريخ ۾، سياسي، غير سياسي، انتظامي ۽ انتقامي حالتن جو جهڙي طرح سان اهو خاندان نشانو بڻيو ۽ مذهبي دهشتگردي جو شڪار ٿيو، پاڪستان ۾ شايد ڪا سياسي پارٽي يا خاندان ٿيو هجي. بلاول جي سياست ڪرڻ ۽ سندس ناناڻي خاندان جي سياست ڪرڻ واري انداز ۾ فرق هن ڪري به آهي ته ناناڻو خاندان پيدائشي سياستدان (بارن پاليٽيشن) هو جڏهن ته بلاول جو خاندان  اتفاقي، حادثاتي يا ڪاروباري سياسي خاندان آهي. جيڪڏهن هن جو ڏاڏو حاڪم علي زرداري مرحوم، ملڪ جي مها آمر جنرل ضياءَالحق کي نوابشاهه ۾ گهرائي گلن جا هار پارائي سگهي ٿو ته سندس والد  آصف علي زرداري اسٽيبلشمنٽ سان ٺاهه ڪري سياست ڪرڻ ۾ ڇو عار محسوس ڪندو. هونئن به هن ملڪ جي سڄي سياسي تاريخ، حادثن ۽ ڏيتين ليتين جي سياسي ڍِڳن سان ڀري پئي آهي. ڪڏهن سياستدان، ملڪي سياسي حالتن ۽ غير ملڪي طاقتن جي مفادن جي دٻاءُ سبب اسٽيبلشمنٽ جي گهڻي مجبوري بڻجي وڃن ٿا ته ڪڏهن اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيبلشمنٽ، سياستدانن جي لاءِ سندن  “سياسي بقا” (پوليٽيڪل لائيف لائين) جو اڻٽر سبب بڻجي وڃي ٿي. پنهنجي پرڏيهي وزارت جي قليل عرصي دوران ويهن کان مٿي غير ملڪي دورا ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جون ذميداريون ته بهتر نموني سان نڀائي رهيو آهي ۽ عالمي رنگ منچ تي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي به سٺي ڪري رهيو آهي پر جڏهن هو مخالف ڌر ۾ هوندو هو ته عالمي فورمن تي پنهنجي سياسي موقف کي تمام گهڻو چٽو رکندو هو ۽ ملڪي يا غيرملڪي معاملن تي کلي ڪري ڳالهائيندو هو. پر جڏهن کان هن کي پرڏيهي وزارت جي عهدي تي ويهاريو ويو آهي هو پنهنجي موقف ۾ مصلحتن جو شڪار نظر اچي ٿو. اچو ته سندس  واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي ڪجهه نظر وجهون.

ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر جي حوالي سان بلاول افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي پنهنجي سفارتي مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائڻ سان گڏ جڏهن هي به فرمائي ٿو ته “تحريڪِ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) اسان جي ريڊ لائين آهي.” ته سندس  هي موقف چٽو نه پر ان ۾ سمجهوتو نظر اچي ٿو. هڪ طرف هو ان ملڪ کي مدد جي خاطري ڪرائي ٿو جنهن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿئي ٿي ته ٻئي طرف هو ان ملڪ مان زمين استعمال نه ٿيڻ جي اميد به رکي ٿو. ڪو شڪ ناهي ته آرمي پبلڪ اسڪول، پشاور تي طالبان جي حملي بعد پاڪستان پنهنجي موثر حڪمت عملي سبب دهشتگردي تي قابو پائي چڪو آهي پر گذريل ڪجهه مهينن کان دهشتگردي جي تازي لهر ملڪ لاءِ هڪ نئون امتحان بڻجي رهي آهي. جيتوڻيڪ پرڏيهي وزير چيو آهي ته، “افغان طالبان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهي پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ماضي ۾ جڏهن اڳوڻي وزيرِاعظم عمران خان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي لاءِ افغان طالبان کان مدد گهري هئي ته انهن هن جي مدد ڪئي هئي. آئون افغان طالبان کي چوندس ته اسان کي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ۾ مدد ڪريو ۽ انهن کي محفوظ ٺڪاڻا نه ڏيو. صرف طالبان نه پر افغانستان ۾ جيڪو به حڪومت ۾ هوندو. اسانجي ان کي اها ئي وينتي (اپيل) هوندي. منهنجي خيال ۾ هاڻ به اهو ئي مناسب هوندو ته اسان افغان طالبان سان ڳالهيون ڪريون ۽ اهو ئي پيغام موڪليندا رهون ته ٽي ٽي پي پاڪستان جي ريڊ لائين آهي، اسان ان خلاف پنهنجي سرزمين تي سخت قدم کڻنداسين ۽ کڻون پيا، جيڪڏهن ٽي ٽي پي کي افغانستان مان ڪا مدد يا سهولتڪاري ملي ٿي يا ملي رهي آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ هي سٺو سنئوڻ نه هوندو.” پرڏيهي وزير هي به چيو ته، “تحريڪ طالبان افغانستان (ٽي ٽي اي) دوحا، قطر معاهدي ۾، ذميواري کنئي هئي ته، افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سمجهون ٿا ته طالبان کي دوحا ۾، دنيا سان ڪيل واعدا پاڙڻ گهرجن، افغانستان اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي، ان سان اسان کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغانستان ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن.” پرڏيهي وزير چيو ته “آمريڪا ۾ سفارتخاني جي ملڪيتي عمارت جو وڪرو ٿيڻ ضروري آهي، عمارت زبون حال آهي، ان تي ٽيڪس ۽ ٻيا خرچ تمام گهڻا لڳي سگهن ٿا پر نيويارڪ ۾ هوٽل کپائڻ جي حق ۾ نه آهيون.” پنهنجي غيرملڪي دورن جي حوالي سان چيو ته، “پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهيان، ته مان پنهنجي هوٽل جو بل به پاڻ ڀريندو آهيان.” اهڙي طرح پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو ۾ بلاول ڀٽو چئي رهيو آهي ته “آئون پنهنجي پرڏيهي دورن جي خرچن جو بار قومي خزاني تي ناهيان وجهندو، ۽ جيڪڏهن ايئن ڪريان ته اِهو پرڏيهي وزير طور منهنجو استحقاق آهي، ڇاڪاڻ جو منهنجن پرڏيهي دورن جو فائدو مهنجي ذات کي نه پر پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوا م کي ٿيندو آهي.” بلاول پنهنجي ساڳي ميڊيا ٽاڪ ۾، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي حوالي سان به ڪجهه ڳالهيون ڪيون آهن. بلاول جي بيان مان لڳي ٿو ته، جيڪڏهن ٽي ٽي پي پاڪستان جي لاءِ ريڊ لائين آهي ته عمران خان سندن  اتحادي حڪومت جي لاءِ به هڪ ريڊ لائين ئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هو عمران خان جي لاءِ چئي ٿو: “وقت کان اڳ چونڊون ٿيون ته اداري ۾ ويٺل سهولتڪار عمران خان کي کٽرائي سگهن ٿا. عمران خان وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ جو هو چاهي ٿو ته جيستائين سندس سهولتڪار اداري ۾ موجود آهن انهن جي موجودگي دوران چونڊون ٿي وڃن. فوجي ڪمانڊ جي تبديلي بعد شايد عمران خان جا اهي سهولتڪار موجود نه هجن پر ڇاڪاڻ ته هاڻي ادارو پنهنجي هي پاليسي بڻائي چڪو آهي ته اهو تڪراري نه پر آئيني ڪردار ادا ڪندو رهندو.” پنهنجي انهيءَ سياسي ريڊ لائين کي نظر ۾ رکندي هن چيو ته، “ملڪ ۾ اڃان به ٻيا اهڙا ادارا آهن جيڪي هن جي مدد ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته اتان به عمران خان جا سهولتڪار هليا (رٽائر ٿي) ويندا. ۽ جيڪڏهن چونڊون وقت کان اڳ ٿين ٿيون ته اتي عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن. عمران خان انهن ادارن ۾ ويٺل انهن سهولتڪارن ۾ اميدون لڳايون ويٺو آهي. انهن ادارن ۾ ويٺل ماڻهو کيس  ڪيسن ۾ بچائڻ جي ڪوششون ڪندا ۽ ساڳن ادارن ۾ ويٺل ماڻهو شايد ايترا غيرجانبدار نه رهن ۽ وقت کان اڳ چونڊن ۾ عمران خان سان ڌانڌلي جي صورت ۾ سهڪار ڪن. ان لاءِ منهنجو موقف هي آهي ته پارليامينت پنهنجو مدو پورو ڪري.”

اپريل 2022ع کان وٺي هن وقت تائين ملڪ ۾ سياسي پارٽين جي وچ ۾ جيڪو جهيڙو هلي رهيو آهي اهو يا ته اقتدار بچائڻ جي لاءِ آهي يا وري اقتدار کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي. سڀني پارٽين جي ويڙهه ۾ ڪٿي به عوامي مسئلا بحث هيٺ نظر نٿا اچن. ملڪ جي سياسي عدم استحڪام جو سبب جيڪڏهن اهي اسٽبيلشمنٽ کي سمجهن ٿا ته ان کان مدد ڇوٿا وٺن ۽ حقيقت هي به آهي ته ملڪ جي معاشي حالت ۽ عوامي اهنجن ۾ اضافي جا اهي پاڻ به ذميدار آهن. اقتدار کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ شخص جو جهيڙو پوري اسٽيبلشمينٽ کان وٺي هر ان پارٽي سان رهندو پيو اچي جيڪي يا ته اتحادي حڪومت ۾ شامل آهن يا انهن سان گڏ آهن ۽ اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي ڊپ ڊاءُ ۽ حڪومت وڃڻ جي خوف جو هدف وري صرف اهو هڪ شخص ئي آهي جنهن کان اقتدار واپس ورتو ويو آهي. اقتدار نه ٿيو ڄڻ معاهدي جي آڌار ڪا سرڪاري نوڪري ٿي. يعني جڏهن ڪنهن ملازم جي ڪارڪردگي بهتر نتيجا نه ڏئي سگهندي آهي ته ان ملازم کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏبو آهي. اسٽيبلشمينٽ جو سياست کان پري ٿي وڃڻ ملڪ جي سڀني سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي لاءِ غنيمت جو موقعو آهي. هن موقعي مان فائدو وٺي سياسي پارٽين کي صرف ۽ صرف پنهنجي ٻل تي سياست ڪرڻ گهرجي. پارٽي منشورن ۾ عوامي مسئلن تي صرف لفظي لٻاڙ ۽ خوامخواهي خواب نه پر عملي ڪم ۽ تعبير به نظر اچي. بلاول کي خدا تعالى بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي. شخصيت کان وٺي سندس  سياسي گفتار تائين هن مان هڪ سٺي سياستدان هجڻ ۽ بڻجڻ جي خوشبو ايندي آهي جنهن ۾ سندس سياسي پسمنظر جي تربيت کان وٺي سياسي پيشمنظر جي عمل دخل جو ڪردار به شامل آهي. ڀاڳن وارو آهي جنهن پنهنجي ناني وانگي پنهنجي عالمي سياسي مسلڪ (ڪيريئر) جي شروعات پرڏيهي وزير طور ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن هن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويو ته هي به هڪ ڏينهن پنهنجي بهادر امڙ وانگي ملڪ جو بهادر وزيرِاعظم ٿي سگهي ٿو ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏ، ملڪ جي معاشي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وسان به ڪونه گهٽائيندو. باقي محترما جي پندرهين ورسي دوران جيڪي گفتا ڳالهايا ويا آهن، جيڪي بيان ڏنا ويا ۽ جنهن قسم جا ناٽڪ پيش ڪيا ويا آهن ۽ ورسي کان صرف هڪ ڏينهن اڳ، اسلام آباد ۾، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران جڏهن هي چيو وڃي ته، “جنرل عاصم منير جي اچڻ سان هاڪاري تبديلي آئي آهي. اڳ ۾ اسٽيبلشمنٽ ۽ هاڻي عمران خان حقيقت آهي. ان کي نظر انداز ڪرڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو.”  مان ته لڳي ٿو ته اسان جا سياستدان اسٽيبلشمنٽ جي غير سياسي رهڻ واري ڪردار کي ٻيهر سياسي ڪري ڇڏيندا ۽ اسانجي جند “ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي” واري سياسي بيماري ۽ “منهنجا عزيز وطني ڀائرو” واري نيت مان ڪڏهن به آجي ڪانه ٿيندي.