بلال ڪاڪا ڪيس جو مک قاتل آجو قرار: پوليس طرفان کيس آزاد ڪرڻ جي درخواست

0
409
نادرا بلال ڪاڪا جي

حيدرآباد ۾ هوٽل تي جهيڙي دوران قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي ڪيس جو نئون رُخ  سامھون آيو آھي، پوليس هڪ جوابدار افضل پٺاڻ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس آزادي لاءِ مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آھي

 پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته جاچ ۾ خبر پئي ته افضل پٺاڻ مُک جوابدار شاهه سور پٺاڻ جو ڀاءُ نه آهي، بلال ڪاڪا قتل ڪيس سان سندس ڪوبه واسطو نه آهي

عدالت جاچ آفيسر کي جوابدار جي آزادي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڀٽائي نگر پوليس افضل پٺاڻ کي مُک جوابدار جو ڀاءُ ڄاڻائي گرفتار ڪيو هو