حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽائي نگر پوليس بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ ثابتيون نه ملڻ بعد هڪ جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايچ او سليمان لاشاري جو چوڻ آهي ته هن جوابدار امداد علي جي آزادي بابت سي آر پي سي 497 واري رپورٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ايس ايچ او جو چوڻ آهي ته کيس جاچ دوران معلوم ٿيو ته گرفتار ڪيل ڄاڻايل شخص افضل پٺاڻ  پٽ محمد آجان جاني نه پر امداد پٽ غلام حسين آھي ۽ کين گرفتار ڪيل امداد علي خلاف ڪا به ثابتي نه ملي سگهي جنهن ڪري جوابدار جو ڪيس سان تعلق نه هئڻ سبب رپورٽ ٺاهي شروعاتي طور عدالت کي آگاهي ڏني هئي جنهن تي عدالت کي امداد پٺاڻ جي آزادي لاءِ سي آر پي سي 497 واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيڪا رپورٽ 2 ڏينهن اڳ عدالت کي فراهم ڪئي وئي۽ عدالت جوابدار جي آزادي جو حڪم ڏنو هو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آزاد ٿيل شخص کي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او گرفتار ڪرڻ بعد مک جوابدار شاهه سوار جو ڀاءُ ڄاڻائي عدالت ۾ پيش ڪيو هو، جنهن سبب ڄاڻايل جوابدار لاڳيتو 15 ڏينهن ٿاڻي تي قيد ۾ به رهيو. واضح رهي ته قاسم آباد جي واڌو واهه باءِ پاس وٽ قائم هوٽل تي ڪجهه ڏينهن اڳ نيو سعيد آباد سان تعلق رکندڙ نوجوان بلال ڪاڪا هوٽل مالڪ ۽ ويٽرز هٿان قتل ٿيو هو ڪيس ۾ 10 ڄڻا نامزد هئا،  پوليس هيستائين ان ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار ڪيا هئا پر هڪ جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي گرفتار 3 جوابدار شاهه سوار پٺاڻ، سندس پٽ احمد يار ۽ محمد گل جيل ۾ آهن.