بلال ڪاڪا جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار آزاد

0
263
بلال ڪاڪا جي ڪيس

حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان قتل ٿيل بلال ڪاڪا جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار آزاد ٿي ويو

ڀٽائي نگر پوليس جوابدار امداد علي کي آزاد ڪرڻ بابت رپورٽ مقامي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران پتو پيو ته امداد علي مُک جوابدار جو پُٽ نه آهي، واقعي به سندس ملوث هجڻ جون شاهديون به نه مليون هيون

پوليس موجب امداد علي کي غلطيءَ ۾ مُک جوابدار شاهه سوار جو ڀاءُ سمجهي گرفتار ڪيو ويو هو