حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽/ افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ وارثن پاران گل سينٽر کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ مجيد سيال، ذوالفقار هاليپوٽو، پنهل ساريو، گلشير ڪاڪا، سلام ڪاڪا سميت ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن ۽ مقتول جي وارثن چيو ته بلال ڪاڪا جو قتل هڪ انسان نه پر قوميت جو قتل آهي. سنڌ ۾ اڳ به ارشاد رانجهاڻي سميت ٻين نوجوانن کي به بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر سرڪار واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ قاسم آباد باءِ پاس تي قائم سلاطين هوٽل جي مالڪ شاهسوار، سندس پٽ بختيار ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي بيگناهه بلال ڪاڪا کي لوهي سيخون هڻي قتل ڪيو. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن قومي شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن دوران ايس ايس پي امجد احمد شيخ خاطري ڪرائي ته سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا پر ساڍا 3 مهينا گذرڻ باوجود پوليس رڳو 3 جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار بااثر هئڻ سبب هاڻي کين مختلف طريقن سان ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي پنهنجو واعدو وفا ڪندي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻي صورت ۾ هو ٻيهر قومي شاهراهه بند ڪندا ۽ اهو احتجاج جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو. سنڌ ۾ موجود افغانين کي ملڪ نيڪالي لاءِ سنڌ سرڪار سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري جڏهن سنڌ سرڪار ڌارين کي نيڪالي لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي.