بغداد: 2 مهينا اڳ فوت ٿي ويل عورت چونڊن ۾ ڪامياب

0
385

بغداد(دلچسپ نيوز) 2 مهينا اڳ فوت تي ويل عورت چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عراق ۾ ٿيل پارلياماني چونڊن ۾ انسامانوئيل 2397 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي

ٻئي طرف سندس وارثن تصديق ڪئي آهي ته انسامانوئيل آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو ورتو هو پر 3 مهينا اڳ کيس ڪورونا سبب اسپتال داخل ڪيو ويو جٿي هو 35 ڏينهن تائين زندگي ۽ موت سان جنگ ڪندي رهي ۽ 2 مهينا اڳ فوت ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن پاران سندس ڪاميابي جو اعلان ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي چرچا ٿي رهيا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن جي اڻڄاڻائي تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي، قانوني ماهرن موجب قانون موجب  هاڻي سندس جاءِ تي ٻيو نمبر ووٽ کڻندڙ ئي ئي ڪامياب قرار ڏنو ويندو.