بغاوت جي الزام ۾ گرفتار رٽائرڊ جنرل امجد شعيب جو رمانڊ منظور

0
172

اسلام آباد جي عدالت ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل رٽائرڊ جنرل امجد شعيب کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

 رٽائرڊ جنرل امجد شعيب خلاف رمنه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو

ايف آءِ آر موجب هڪ ٽي وي شو دوران تجزيا نگار امجد شعيب سرڪاري ملازمن کي سندن فرض سرانجام نه ڏيڻ لاءِ ڀڙڪايو، هن چيو ته سڀاڻي کان ڪير به آفيسز ۾ نه ويندو ته حڪومت سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي

 امجد شعيب جي وڪيل چيو ته امجيد شعيب رڳو مثبت تنقيد ڪئي آهي، سندس خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف داخل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب اسلام آباد مان گرفتار