اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (نواز) وزيراعظم عمران خان ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر سميت سمورن مجرمن ۽ سازشين کي ڌمڪين وارن بيانن کان روڪيو وڃي، بشير ميمڻ جي سوالن جو جواب ڏيڻ بجاءِ چور شور مچائي رهيا آهن، اڍائي سالن کان لڳايل تماشو بند ڪيو وڃي، قوم هاڻي ان سرڪس کان تنگ اچي چڪي آهي، آئيني ادارن جي سربراهن کي حراسان ڪرڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي ڪٽهڙي ۾ بيٺل مجرمن خلاف فيصلا ٻڌايا وڃن، شير ميمڻ جي انڪشافن کان پوءِ عمران خان، شهزاد اڪبر ۽ چيئرمين نيب کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي گرفتار ڪيو وڃي. عمران خان ۽ شهزاد اڪبر استعيفا ڏين.