ڪراچي(م ڊ) خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ موجب بشير ميمڻ پاڻ سياستدانن خلاف پلاننگ ۾ ملوث آهي. خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ جو چوڻ آهي ته حڪومت اين ايچ اي پراجيڪٽس بابت جاچ ايف آءِ اي کي ڏني هئي، بشير ميمڻ ان جي جاچ ڪئي ۽ هن پاڻ گھوٻين جي تصديق ڪئي، امير مقام جي پٽ اشتياق احمد جي فرنٽ ڪمپني کي ذميوار قرار ڏنو. بشير ميمڻ ليگي اڳواڻن خلاف ڪارروائي زور ڀريندي امير مقام جي پٽ، زال جي گرفتاري جي تجويز ڏني. بشير ميمڻ امير مقام جي خاندان جي گرفتاري لاءِ زور ڀريو پر حڪومت بشير ميمڻ کي گرفتاري ڪرڻ بدران ريڪوري ڪرڻ جو چيوويو. حڪومتي هدايتن تي وڏي پيماني تي ريڪوري ڪئي وئي.