بشير ميمڻ، اصغر خان ڪيس بدران منهنجي ناشتي جي بلن جي جاچ ڇو ڪئي؟ بلاول ڀٽو

0
832

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جيڪي انڪشاف ڪيا آهن تن جي مذمت ڪيون ٿا ايئن نه ٿيڻ گهرجي پر بشير ميمڻ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هن کي ايف آءِ اي ۾ هندي اصغرخان ڪيس جي جاچ ڪرڻ گهرجي ها جيڪو سپريم ڪورٽ جو حڪم به هو، پر هن ايئن ڪرڻ بدران منهنجي لانڊري ۽ ناشتي جي بلن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته بشير ميمڻ ٻڌائي ته هن ڪنهن جي چوڻ تي اصغر خان ڪيس جي جاچ روڪي، اسان جو پيڇو ڪيو، جيڪڏهن عمران خان کيس ڊڪٽيشن ڏني هئي ته ان وقت ئي کيس ٽي وي تي اچي اهو چوڻ گهرجي ها ته آئون باضمير آفيسر آهيان ايئن نٿو ڪري سگهان ۽ ڪرسي ڇڏيان ٿو، هي جيڪي بعد ۾ اچي روئڻو روئن ٿا اهو صحيح ناهي. بلاول ڀٽو چيو ته سپريم ڪورٽ جي حاضر جج سان جيڪو ٿيو ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ بشير ميمڻ خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي ته هن اصغر خان ڪيس جي جاچ ڇونه ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته سي اِي سي ۾ جيڪي فيصلا ٿيا، ان موقف تي اڄ به قائم آهيون. اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ هر جمهوري طريقو اختيار ڪرڻو آهي. اسان سياسي جمهوري روڊ ميپ رکي ڇڏيو آهي، گيلاني جي فتح ان جو ثبوت آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان جا ڪجهه ساٿي وزير اعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي نٿا هٽائڻ چاهين ته آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ڪراچي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي الزامن بابت بلاول ڀٽو چيو ته اگر ڌانڌلي جا ثبوت آهن ته سامهون آڻڻ گهرجن نه ته چپ ٿي وڃو، هڪ تير سان ايترا شڪار ٿيا آهن، سڀني پارٽين کي سمجهڻ گهرجي ته پ پ کي سوچيل سمجهيل سازش تحت پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر کي هڪ فاشسٽ ڌر جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن پ پ کي کٽڻ نه ڏجي، پنجاب ۾ به ايئن ئي پ پ کي پوئتي ڌڪيو ويو، اسان اسٽيبلشمينٽ، ان جي باقيات سميت سڀني سان مقابلي لاءِ تيار آهيون.