اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي  وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سياسي مخالفن کي غداري سان لنڪ ڪرڻ واري بشريٰ بي بي جي پٽ ارسلان کي هدايت جو تازو شاهڪار اهو آهي ته  وزيراعظم جي وڊيو ۾ ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي، ٽيمپر ٿيل وڊيو ۽ اصل ٿيل وڊيو ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ کي موڪلي آهي ته جيئن وڊيو ۾ آواز شامل ڪندڙ جعلساز قانون جي گرفت ۾ اچن، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته اها وڊيو مون ٺاهي هئي، جيڪا 4 لڳي 28 منٽن تي مون ميڊيا کي جاري ڪئي هئي، اها وڊيو سمورن ميڊيا جي چينلن وٽ موجود آهي، بشريٰ بيبي جي جي هدايت تي سندس پٽ ارسلان پاران تيار ڪيل وڊيو به موجود آهي، ٻئي وڊيو ميڊيا کي جاري ڪري رهي آهيان، ايف آءِ اي کي به اهي موڪليا ويا آهن، عمران خان جي اها گهٽيا حرڪت ان جي مائينڊ سيٽ جو اظهار آهي، جيڪو مديني جي رياست جو پاڪ نالو وٺي ڪوڙ ڳالهائي ٿو.