بزنس مين ميسي جي مداح کي فٽبال ٿيم وارو گهر تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو

0
287
بزنس مين ميسي جي مداح کي فٽبال ٿيم وارو گهر تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو
بزنس مين ميسي جي مداح کي فٽبال ٿيم وارو گهر تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو

دبئي(انٽرسٽنگ نيوز) دبئي ۾ رهائش پذير هڪ بزنس مين ڀارتي رياست ڪيرالي ۾ ليونل ميسي جي مداح کي فٽبال جي ٿيم وارو گهر تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٻن بيڊ رومز واري رهائشگاهه نيري ۽ اڇي ٿيم ۾ رنگيل آهي ۽ ان جي ڇت تي فٽبال آهي جڏهن ته ميسي جي جرسي سان گڏ هن جو شرٽ نمبر 10 به لکيل آهي

قطر ۾ کيڏيل فيفا ورلڊ ڪپ دوران زبير نالي نوجوان مقبوليت حاصل ڪئي هئي، حيران ڪندڙ طور تي هن پرستار کي 1904ع کانپوءِ کيڏيل هر فيفا ورلڊ ڪپ ميچ جا سمورا انگ اکر زباني ياد آهن، جنهن سبب هن کي سوشل ميڊيا تي ڪافي پذيرائي ملي هئي

ورلڊ ڪپ دوران بزنس مين زبير کي قطر وٺي وڃڻ چاهيو پر هن پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب آڇ کي ٿڏي ڇڏيوپر دبئي جي رهواسي پاران زبير جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۽ هن کي خاص تحفو فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪري رکيو هو. ٻئي طرف بزنس مين طرفان گهر جو تحفو ڏيڻ تي زبير خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي گهر ۾ رهڻ هڪ خواب هو