عمرڪوٽ: بزم صوفياءِ سنڌ جي سفر دوران جمن دربدر جي ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هن جي ذهن ۾ قومپرستي وارو لاڙو پيدا ٿيو، بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان سندس گهڻي ويجهڙائي ٿي وئي، جنهن دوران هن قومي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اڪثر طور عبد الواحد آريسر سان گڏ نظر ايندو هو.