برٽرنڊ رسل، اسان جو سماج  ۽ اسان جي “اشرافيا”

0
106
ريل مسافر اوخيل بابو، گورا ۽ ڪارا حڪمران

 جڳ مشهور ليکڪ ۽ فيلسوف برٽرنڊ رسل پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، “گهڻي قدر تحريڪن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. هڪ آهي حالتِ اضافي ۽ ٻيو آهي حالتِ تخليقي.” هُو وڌيڪ لکي ٿو ته، “حالت اضافي مان منهنجو مطلب هِي آهي ته ڪنهن شئي کي حاصل ڪرڻ يا پابند ڪرڻ يعني هڪ اهڙي شئي جنهن کي ورهائي نٿو سگهجي، ۽ حالتِ تخليقي مان مراد هِي آهي ته، هر ڳالهه کي دُنيا جي سامهون اهڙي انداز سان پيش ڪجي جو ان جي قدر ۽ قيمت جو صحيح نموني سان ڪاٿو لڳائي سگهجي.” هُو ڪيڏي نه سٺي ڳالهه ڪري ٿو ته، “بهترين زندگي اها آهي جيڪا تخليقي اصولن تي قائم هجي ۽ بدترين اها آهي جنهن کي ڏاڍ جي ذريعي سان قائم ڪيو وڃي. ٻِي صورت ۾ طاقت جي زور تي.”  سنڌي قوم (عوام) جي زندگي ۽ ان جي تڪليفن جو جيڪڏهن ڳوڙهي نموني سان مطالعو يا مشاهدو ڪجي ته اها اسان کي برٽرنڊ رسل جي هنن ٻنهي حالتن جي جيئري جاڳندي تصوير لڳي ٿي. ستر کان نوي تائين واري عرصي دوران سنڌ، سنڌي عوام جي حقن جي لاءِ جيڪي تحريڪون تحرڪ ۾ هُيون، اهي هنن ٻنهي حالتن جو چٽو پٽو عڪس هُيون ڇاڪاڻ جو اهي تحريڪون تخليقي اصولن تي قائم هيون ۽ آدرشي آڌارن تي ڪم ڪري رهيون ھيون. نوي کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين  سنڌ ۾ جيڪو سياسي سماجي ماحول پنهنجا پير پختا ڪري چڪو آهي، اهو برٽرنڊ رسل جي هن سٽ ته، “بدترين زندگي اها آهي جنهن کي ڏاڍ جي ذريعي سان قائم ڪيو وڃي.” جو بهترين عڪس آهي. سنڌ کي عربن جي دور کان وٺي پي پي پي جي دور تائين پرکيو وڃي، معلوم ٿئي ٿو ته ان کي فائدو گهٽ پر نقصان ڪجهه سوايو ٿيو آهي نه صرف ايترو پر اهو نقصان رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. فهرست ڊگهي آهي پر ڊجيٽل آدمشماري ان نقصان جي تازي قسط آهي.

برٽرنڊ رسل جي سٽن جو سولو مطلب هِي آهي ته اسان کي پنهنجي ثقافتن تي مان هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو تخليق جو گهڻو تڻو تعلق ثقافتي سرگرمين سان آهي. اسان سنڌي هزراها سالن کان سنڌي آهيون، اھا حقيقت آهي. سنڌ تي ڪاهه ۽ قبضي بعد اسان صرف پنهنجو مذهب مٽايو پر پاڪستان جو حصو ٿيڻ بعد اسان ڇا ڇا مَٽائي ڇڏيو ۽ اڄ به گهڻو ڪجهه مَٽائي رهيا آهيون، ان تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي، لکجي رهيو آهي ۽ شايد ايندڙ وقتن ۾ به لکيو وڃي! جيڪا قوم جڏهن پنهنجي ثقافت به مٽائي ٿي ته دنيا جي نقشي تان مٽجي وڃي ٿي. مختلف دورن سياسي ۽ سماجي تبديلين يا ڀڃ ڊاهن مان پار پوندي چين، عربستان ۽ ايران جي عوام توڙي جو پنهنجو مذهب مٽايو پر انهن پنهنجي هزارها سال پراڻي اتهاسن ۽ ثقافتن تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو آهي. ڇاڪاڻ جو هي قومون ڄاڻن ٿيون ته اصل ۾ هنن جي مڪمل طاقت هنن جون ثقافتون يعني تاريخي سڃاڻپون آهن، نه ڪي مذهب. جيڪڏهن مذهب ڪنهن قوم جي طاقت هجن ها ته اڄ سڄي دنيا ۾ يا امن هجي ها يا جنگين جو اهڙو ئي ماحول هجي ها، جنهن جو دنيا ٻن مهاڀارين لڙاين دوارن تجربو ڪري چڪي آهي. مذهب ڪو شڪ ناهي ته اسان کي زندگي گذارڻ جا بهترين ۽ صحيح دڳ ڏسين ٿا ۽ مذهب هڪ انسان جي زندگي جي خراب ۽ چڱن ڪمن جي تور ماپ ڪن ٿا. هنن ۾ هڪ خدا ۾ ايمان رکڻ سان گڏ، خوفِ خدا وارو تصور انسان کي گهڻن ڀڏن ڪمن کان پري به رکي ٿو پر لطيف سرڪار جي هڪ مشهور شعر جي هڪ سٽ وانگي ته، “اهو ڪي ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي”.

هڪ ملڪ اندر رهندڙ عوام هڪ نه پر ڪيترن ئي مذهبن جو پوئلڳ هوندو آهي. هن جا مذهبي ڏڻ به الڳ هوندا آهن. مذهبي عبادت گاهون به الڳ ته عبادتن کي ادا ڪرڻ جا طور طريقا به الڳ ۽ ريتون رسمون به جدا جدا هونديون آهن پر ثقافت ساڳي، ٻولي ساڳي، رهڻي ڪهڻي ساڳي، خوشين ۽ غمين جا خمار به ساڳيا ته ٿڪاوٽون به هڪجهڙيون هونديون آهن. اهوئي سبب هوندو آهي ته اهي قومون پنهنجي ثقافت کي پنهنجي ملڪي بقا ۽ قومي سگهه سمجهندي ان کي سدائين اهميت ڏينديون آيون آهن ۽ ان کي اڳيان اڳيان رکنديون آيون آهن. تاريخ کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تھ دنيا جون اهڙيون ڪيتريون ئي قومون هيون، جيڪي پنهنجي ثقافتن کي غير اهم سمجهي ڌارين ثقافتن کي اپنائڻ کي پنهنجو ناز سمجهيو ته اڄ انهن جو نالو نشان ڪونه ٿو ملي. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اھا آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ اندر رهندڙ قومن جو مطالعو ڪيو ته توهان کي معلوم ٿي ويندو ته دنيا جا سوين ملڪ آهن، جن جي عوام جو تعلق توڙي جو ڪيترن ئي مذهبن سان آهي پر اهي پنهنجي عوام جي خدمت ۾، ۽ ملڪ جي ترقي ۾، ۽ دنيا جهان سان سفارتڪاري جي ميدان ۾ به اڳتي آهن ۽ پنهنجي ڪجهه مفادن جي پورائيءَ جي لاءِ جڏهن ڪنهن سپر پاور جي هنج ۾ ويهن ٿا ته اهي مذهب جي بدلي پنهنجي معاشي، سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل وارين ضرورتن سان گڏ پنهنجي ثقافتي ٻنڌڻن، تعليم ۽ تحقيق کي به سامهون رکن ٿا ۽ اڳتي وڌندا وڃن ٿا. اهي اڄ جي دنيا ۾ تعليم ۽ تحقيق کي گهڻي اهميت ڏين ٿا. قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي معاشي پاڻڀرائيءَ جي لاءِ بهترين طريقي سان ڪم ڪن ٿا ۽ جٽادار (سسٽين ايبل) پاليسيون مرتب ڪن ٿا. ٻن مهاڀارين لڙائين جي نتيجن ۽ انجامن بعد پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين کي تسليم ڪري آئيندا جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ بين الاقوامي تعلقات تي اهڙو ته ڪم ڪن ٿا جو اڄ اهي ملڪ دنيا ۾ مثالي ملڪ بڻجي ويا آهن.

جرمني، جنهن کي هٽلر جي جنگين ۽ آمراڻي سوچ ختم ڪري ڇڏيو هو پر هٽلر جي بعد جڏهن جرمن قوم پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ دنيا کي فتح ڪرڻ جي بدلي پنهنجي ملڪ اندر ئي ڪجهه تبديليون آڻي جڏهن اڳتي وڌي ته اڄ جرمني ڏسڻ وٽان آهي. جاپان کي آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائي جيڪا تباهي ڏني ان قسم جون تباهيون جيڪڏهن اسان جهڙن ملڪن ۾ اچن ها اسان صدين تائين اُٿي نه سگهون ها، پر جاپاني قوم جيئن ته شروع کان ئي محنتي قوم هئي سو جڏهن جاپانين به جنگ کان نفرت ڪري ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پير پاتو ته دنيا دنگ رهجي وئي. ويٽنام ۾ آمريڪين ڇا نه ڪيو پر اڄ ويٽنام ڪٿي بيٺو آهي، اسان جي سياستدانن جي لاءِ سوچڻ جو مقام آهي. هي سڀ ملڪ جيڪڏهن جنگين، تباهين ۽ بربادين مان اٿي پار پيا آهن ته سندن پويان اها ئي ڳالهه آهي جيڪا برٽرنڊ رسل ڪئي آهي ۽ برٽرنڊ رسل واري ڳالهه جي پويان اها ثقافتي سگهه آهي، جيڪا هنن کي جوڙي رکي ٿي ۽ هڪ قوم هجڻ جو تصور ڏئي ٿي. ثقافت کي عظمت ۽ سياست کي خدمت جو حقيقي گُر سمجهڻ وارين قومن پنهنجي ملڪن ۽ عوام کي جنهن منزل تي پهچايو آهي، ان منزل جي پوري فلم ته پري رهيو پر ان جي جهلڪ ڏسڻ به حڪومتي توڙي خانگي ادارن اندر پاڙون پختيون ڪندڙ بدعنواني جي عالم سبب اسان وٽ ان جو ته هاڻي خواب ڏسڻ به هڪ خواب بڻجي ويو آهي. ڪو وقت هو جڏهن ماڻهو هي خواب ڏسندا هئا ته پڙهي لکي ڪنهن منزل تي پهچي سياست ۾ اچي پنهنجي عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪبي پر اسان جيڪو وڌي ٿو ته سڀ کان پهريون وار هو پنهنجي ثقافت تي ئي ڪري ٿو. بعد ۾ معتبر هجڻ واري زمري ۾ اڃان به وڌيڪ ترقي ڪندي مٿي چڙهي ٿو ته هن کي سياست خدمت نه پر ڏوڪڙ پيسي کي حاصل ڪرڻ جو “سڪو رائج الوقت” لڳي ٿي ۽ هو ان ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي ٿو. هو ڪابه پرواهه نٿو ڪري ته منهنجي عمل سان ملڪ کي ڪيترو نقصان پهچي ٿو، عوام ڪيترو مصيبتن جو شڪار ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ منهنجي ملڪ جي لاءِ ڪهڙو تصور جُڙي ٿو!