ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته اسان ڊاٽ بال کيڏڻ جي خامي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن رانديگر 100 سيڪڙو نه ڏيندو ته الله هن کي ذليل ڪندو. پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ محمد رضوان چيو ته اڃا هي پهرين ميچ آهي، ٻيا مقابلا اڃا باقي آهن، سڀني کي خبر آهي ته اسان ٽيم ۾ ڪجهه تبديليون ڪري رهيا آهيون. تبديليون ڪريون پيا ته غلطي ته ٿيندي، ورلڊ ڪپ لاءِ ڪامبينيشن بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مان جيڪڏهن آف اسٽمپ جي بال کي ليگ اسٽمپ تي کيڏي سگهان ٿو ته ڪوبه مسئلو ناهي، جيڪي منهنجي آف اسٽمپ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن الله هنن ڏانهن خير ڪري، مونکي آف اسٽمپ تي کيڏڻ جي ضرورت ناهي، خبر ناهي ڇو منهنجي فٽنس جي حوالي سان ڳالهايو پيو وڃي مان ته فٽ آهيان، 2،3 ڊوڙون هڻي وٺندس. بري نيت سان ٽيم خلاف ڳالهائيندڙن کي به الله ذليل ڪندو.