لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ مهانگائي جي روڪٿام  لاءِ وياج جي شرح ۾ لاڳيتو پنجون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي. بئنڪ آف انگلينڊ طرفان وياج جي شرح کي هڪ سيڪڙو مان وڌائي 1.25 ڪيو ويو آهي جيڪا گذريل 13 ورهين ۾ سڀ کان بلند سطح آهي. برطانيا ۾ مهانگائي جو ريشو 9 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، جيڪا چاليهه ورهين جي بلند ترين سطح آهي ۽ بئنڪ آف انگلينڊ خبردار ڪيو آهي ته 2022ع ۾ اهو ريشو 11 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو. بئنڪ موجب توانائي جي اگهن ۾ واڌ سان آڪٽوبر ۾ زندگي جي ڪاروهنوار جي خرچن ۾ 11 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي. بئنڪ آف انگلينڊ ڊسمبر 2021ع وياج جي شرح ۾ پهريون ڀيرو واڌ ڪئي هئي ۽ ان بعد وڌيڪ چار دفعا ائين ڪيو ويو . بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي 9 مان 6 ميمبرن وياج جي شرح کي وڌائي 1.25 ڪرڻ جو چيو جڏهن ته باقي 3 اها 1.5 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو. وياج جي شرح ۾ واڌ کانپوءِ قرض وٺي گهر خريدڻ وارن کي هر مهيني 16 کان 25 پائونڊ واڌو ادا ڪرڻا پوندا.