برطانيا ۾ ننڍي بورس جانسن ڌُم مچائي ڇڏي، ڏيهان ڏيهه مشهور

0
381

لنڊن(انٽرسٽنگ نيوز) برطانوي عوام ڊيوڊ نالي ٻار کي سنهري وارن جي ڪري ننڍو بورس جانسن قرار ڏئي ڏيو آهي. جنهن کانپوءِ کير پياڪ ٻار جي تصويرن انٽرنيٽ تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. بطرانيا جي رسلن ۽ ان جي گھر واري تاتيانا ڊورونيا سمجھيو هو ته انهن وٽ ڄمندڙ ٻار جا بال به انهن جيان گھاٽي رنگ جا ٿيندا، پر جڏهن ٻار پيدا ٿيوته جوڙو حيران ٿي ويو، ڇو جو اهو ٻار سونهري وارن سان دنيا ۾ آيو هو. ڊيوڊ نالي هن ٻار جي عمر اڃا ٽي مهينا آهي پر ان جي ڊگهن سونهري وارن جي ڪري ماڻهون سندس ڀيٽ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوڊ جي والدين سندس اورن جي ڪري کيس گھر کان ٻاهر نيئڻ بند ڪري ڇڏيو، هاڻي ته عوام به ٻار کي ننڍو بورس جانسن سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊيوڊ ٽن مهينن جي عمر ۾ ئي هڪ مشهور بڻجي ويو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر ڪو ديوانو بڻيو وتي. سندس مقبوليت کانپوءِ هاڻي ڊيوڊ جي نالي سان انسٽاگرام پيج به ٺاهيو ويو آهي، جتي روزانو سونهري وارن واري ٻار جون تصويرون شيئر ٿين ٿيون.