لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ مذهبي بنيادن تي مسلمانن تي حملن ۾ واڌ اچي وئي آهي. گذريل هفتي جي مسجدن تي حملن بعد هڪ ڀيرو وري نماز پڙهي واپس گهر ويندڙ پيرسن تي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو. برمنگهم جي علائقي ڪنگز هيٿ ۾ يارڪ روڊ تي 73 ورهين جي شخص کي ان وقت پٺيان لت هنئي وئي جڏهن هو سج لٿي جي نماز پڙهي گهر واپس وڃي رهيو هو. پيرسن جو مٿو ڊسپلي بورڊ ۾ لڳو، سندس هٿ ڀڄي پيو ۽ چهري تي زخم رسيا. کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب اهو خوفناڪ حملو هو پر ان جا ثبوت نه آهن ته حملي جو اولهه لنڊن ۾ مسجدن ويجهو ٿيل حملن سنا ڪو تعلق آهي. حملو ڪندڙ ٻه گورا ۽ هڪ ڪاري نسل جو نوجوان هو جن جي عمر 18 کان 30 سالن تائين هئي.