شيمپين(انٽرسٽنگ نيوز) فرانس جي صوبي شيمپين ۾ مڇي پڪڙڻ دوران برطانيا سان تعلق رکندڙ مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي گولڊ فش پڪڙي ورتي جنهن جو وزن 30 ڪلو گرام آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شيمپين جي بليو واٽر ڍنڍ ۾ ورلڊ پريميئر ڪريپ فشريز دوران 42 سالن جي مهاڻي گير ايندي هيڪيٽ گولڊ فش پڪڙي جنهن جي وڊيو “بليو واٽر ليڪز” سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب اها مڇي ليدر ڪارپ ۽ ڪوئي ڪارپ جي هڪ هائيبرڊ نسل آهي جنهن جو رنگ نارنگي هوندو آهي. ان لاءِ مهاڻي طرفان هن گولڊ فش جو ٻيو نالو “دي ڪيرٽ” رکيو ويو. مهاڻي چيو ته هن مڇيءَ کي پڪڙڻ شاندار رهيو ۽ اها خوش قسمتي به آهي.ميڊيا رپورٽن موجب مڇي کي ڳولڻ ۽ پڪڙڻ ۾ مهاڻي کي 25 منٽ لڳا. هن گولڊ فش کي دنيا جي سڀ کان وڏي مڇيءَ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان کان اڳ 2019ع ۾ آمريڪا سان تعلق رکندڙ مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي مڇي پڪڙي هئي.