لنڊن(م ڊ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي مڙهه کي اڄ سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه لنڊن پهتل. آمريڪي صدر به شرڪت ڪندو. مليل اطلاعن موجب برطانيا جي راڻي ايلز بيٿ ٽو جون آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون جنهن کي ٽي وي ۽ ميڊيا تي لائيو نشر ڪيو ويندو. ملڪ جي 300 کان وڌيڪ سئنيما گهرن، گرجا گهرن ۽ ٻين هنڌن تي به آخري رسمون ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي، آخري ديدار ۽ راڻي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. مڙهه سرڪاري تحويل ۾ آهي جيڪو اڄ واپس ونسر محل نيو ويندو جتي شاهي خاندان جا ماڻهو آخري ديدار ڪندا ۽ پوءِ تدفين ڪئي ويندي. راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه برطانيا پهچي ويا آهن. آمريڪا جو صدر جو بائيڊن، فرسٽ ليڊي جل بائيڊن ۽ ٻين ملڪن جا سربراهه به شرڪت ڪندا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، افغان طالبان جي حڪمرانن سميت ٽن سربراهن کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي آهي.