اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج پاران عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ رمارڪس ڏنا ويا ته برطانيا جا مثال ٿا ڏين ۽ پاڻ عدالتن جو احترام نه ٿا ڪن، ٻڌڻي دوران جج رمارڪس ۾ چيو ته عدالت ۾ پيشي جي وقت عدالت جو احترام نه ڪيو ويو، پاڻ سان گڏ غنڊا ۽ بدمعاش به عدالت ۾ وٺي ٿا اچن، هڪ سال جي پيشي تي آيا ۽ پاڻ سان ٻن سالن جون پيشيون ڪري هليا ويا، اي ٽي سي جي جج وڌيڪ چيو ته هاڻي هڪ سال وڌيڪ مون کي ٻڌڻين ۾ مصروف هوندا، مون وٽ هن معاملي جا سمورا سي سي ٽي وي فٽيج موجود آهن، جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري معاملي جو رمنا ٿاڻي تي عمران خان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو.