ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪسٽم ڪورٽ برطانيه مان چوري ٿيل لگزري ڪار جي ڪراچي مان برآمدگي واري ڪيس ۾ 2 جوابدارن جي ضمانتن وارين درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار نويد يامين بلواني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن  ته جوابدار جميل شفيع جي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، ڪسٽم اختيارين موجب جوابدارن تي  ٽيڪس ڊيوٽي جا 30 ڪروڙ رپيا  چوري ڪرڻ جو الزام آهي، اسان 3 سيپٽمبر تي ڊفينس ۾ ڇاپو هڻي 30 ڪروڙن جي ماليت جي ڪار هٿ ڪئي هئي