برطانوي عدالت جو پاڪستاني فيمليز کي حلال کاڌا فراهم ڪرڻ جو حڪم

0
528

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) برطانيه جي هاءِ ڪورٽ آف جسٽس پنهنجي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته هو پاڪستاني فيمليز جي لاءِ قرنطينه جي دوران سحر ۽ افطار ۾ حلال کاڌن جي فراهمي کي يقيني بڻائي، پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو حڪم ڊپٽي جج رچرڊ ڪليٽن جي طرفان جاري ڪيو ويو، هي فيصلو قرنطينه ۾ ويٺل مجبور هزارين ٻين پاڪستانين تي به لاڳو ٿيندو، واضح رهي ته پاڪستاني شهري روبينه راجا جي طرفان ڪورونا جي ڪري قرنطينه ۾ خوراڪ جي فراهمي بابت ڪيس ۾ برطانيه جي صحت واري مملڪتي وزير، ٽرانسپورٽ ۽ سوشل ڪيئر کي چيلينج ڪيو هو، جنهن جي درخواست تي برطانوي عدالت حڪم جاري ڪيو ته پاڪستاني فيمليز کي حلال کاڌا فراهم ڪيا وڃن.