لنڊن (م ڊ) برطانوي ولي عهد شهزادي چارلس جو نئون فنڊ ريزنگ اسڪينڊل سامهون آيو آهي ته سندس فلاحي اداري اسامه بن لادن فيملي کان 10 لک پائونڊ وصول ڪيا، جنهن جي  پرنس چارلس جي آفيس تصديق به ڪئي. برطانوي ميڊيا موجب پرنس چارلس کي خبردار ڪيو ويو هو ته ايئن ڪرڻ سان قومي ڪاوڙ سامهون اچي سگهي ٿي پر هن نظرانداز ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب پرنس چارلس جي فلاحي اداري کي رقم لادن فيملي جي شيخ بڪر بن لادن ۽ سندس ڀاءُ شيخ شفيق چندو ڪئي هئي، بڪر ۽ شفيق دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ يا کين فنڊنگ سان واسطو ناهي. ڪليرنس هائوس جو چوڻ آهي ته شهزادي چارلس ڊيل ۾ ٽياڪڙي ڪئي، نه ئي ان کي قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، چندو قبول ڪرڻ جو فيصلو پرنس آف ويلز جي چيريٽيبل فنڊ جي ٽرسٽيز ڪيو.