لنڊن (م ڊ) برطانوي راڻي جي مڙس شهزاده فلپ جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، شهزاده فلپ جي مڙهه کي آخري خواهش جي مطابق سندس ڊزائن ڪيل گاڏي ۾ ونڊزر ڪاسل آندو ويو، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪيون ويون. شهزاده فلپ جي آخري رسمن جي شروعات ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، آخري رسمن ۾ پرنس چارلس، پرنس وليم، پرنس هيري ۽ راڻي برطانيه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪورونا سبب شاهي خاندان جي صرف 30 ماڻهن شرڪت ڪئي، راڻي جي هدايت مطابق رسمن ۾ شريڪ ماڻهن کي ماسڪ پاتل هئا، سماجي وٿي به رکي. واضح رهي ته فلپ 9 اپريل تي 99 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.




























