لنڊن (م ڊ) برطانوي راڻي ايلزبٿ جو مڙس شهزاده فلپ 99 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بڪنگهم پيلس به شهزاده فلپ جي وفات جي تصديق ڪندي چيو ته شهزاده فلپ ڪالهه صبح جو ونڊسر ۾ دم ڏنو، برطانوي ميڊيا موجب شهزاده فلپ جي طبيعت ڪجهه عرصي کان خراب هئي، کيس هلندڙ سال فيبروري ۾ طبيعت خراب ٿيڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، شهزاده فلپ بيماري ۽ وڏي ڄمار سبب آگسٽ 2007ع ۾ شاهي ذميواريون ڇڏي ڏنيون هيون، کيس آخري ڀيرو جولاءِ 2020ع ۾ ڪنهن تقريب ۾ ڏٺو ويو هو، شهزاده فلپ يونان ۽ ڊنمارڪ جي شهزاده اينڊريو ۽ بيٽنبرگ جي شهزادي ايلس جي گهر پيدا ٿيو، اڃا هو کير پياڪ هو ته سندس خاندان کي ملڪ بدر ڪيو ويو، فرانس ۽ جرمني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد شهزاده فلپ 1939ع ۾ برٽس رائل نيوي جوائن ۽ 1947ع ۾ راڻي ايلزبٿ سان شادي کان پهرين هن يونان ۽ ڊينمارڪ جون شاهي ذميواريون ڇڏي ڏنيون هيون ۽ پوءِ ان لاءِ ڊيوڪ آف ايڊنبرگ جو عهدو پيدا ڪيو ويو.