لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانيا جي ايڊريانا براونلي 8 هزار ميٽر کان بلند 10 چوٽيون سر ڪندڙ سڀ کان گهٽ عمر ترين جبل جاڙو هئڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. 21 ورهين جي برطانوي جبل چاڙهو گذريل ڏينهن دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو سر ڪئي هئي، ان کان اڳ ايڊريانا براونلي نانگا پربت ۽ براڊپيڪ جون چوٽيون پڻ سر ڪيون هيون. جڏهن ته هاڻ ايڊريانا ڪي ٽو سر ڪرڻ واري گهٽ عمر ترين برطانوي جبل چاڙهو بڻجي وئي آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي 20 ورهين جي شهروز ڪاشف هنيئر تائين 8 هزار ميٽر کان بلند 10 چوٽيون سر ڪري چڪو آهي.