لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا جي هڪ انجنيئر صرف 18 مهينن ۾ پنهنجي گهر واري لاءِ هڪ هوائي جهاز بڻايو آهي جيڪو هن جي عزم ۽ همت کي ظاهر ڪري ٿو. 2019ع ۾ هن اڏام جو لائسنس ورتو ۽ ڪجهه اڏامون ڪيون، پر ٻن سيٽن وارو جهاز هن جي خاندان لاءِ ڪافي نه هو ته هن پنهنجو جهاز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڊيزائن لاءِ ڏکڻ آفريڪي ڪمپني سِلنگ ايئرڪرافٽ جو 4 سيٽر جهاز اڏائي ڏٺو ۽ هن جي ڪٽ گهرائي ڇوته برطانيا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هو. هن برطانوي ايوي ايشن ماهرن جي نگراني ۾ گهر جي باغ ۾ هڪ گيراج ٺاهي ڪم شروع ڪيو. ان سفر ۾ هن جي ڌيئرن به ساڻس مدد ڪئي ۽ هن 7.175 ميٽر ڊگهي ۽ 2.45 ميٽر بلند جهاز تي ڪم شروع ڪيو. ڏيڍ سال جي محنت ۽ ماهرن جي 12 ڀيرا جاچ پڙتال کانپوءِ هڪ لائٽ ايئرڪرافٽ بڻجي ويو. اشوڪ جهاز کي ڌيءُ جي نالي تي رکيو ۽ جنوري 2022ع ۾ هن جي آزمائشي اڏام ڪئي جيڪو 20 منٽن تي ٻڌل هئي. پوءِ مئي 2022ع ۾ هن کي باقاعده پرمٽ ملي وئي. هاڻ اشول پنهنجي گهر واري سميت يورپ وڃڻ جو ارادو رکي ٿو.