برطانوي انجنيئر گهر واريءَ لاءِ 18 مهينن ۾ هوائي جهاز بڻائي ورتو

0
348

لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا جي هڪ انجنيئر صرف 18 مهينن ۾ پنهنجي گهر واري لاءِ هڪ هوائي جهاز بڻايو آهي جيڪو هن جي عزم ۽ همت کي ظاهر ڪري ٿو

2019ع ۾ هن اڏام جو لائسنس ورتو ۽ ڪجهه اڏامون ڪيون، پر ٻن سيٽن وارو جهاز هن جي خاندان لاءِ ڪافي نه هو ته هن پنهنجو جهاز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو

هن ڊيزائن لاءِ ڏکڻ آفريڪي ڪمپني سِلنگ ايئرڪرافٽ جو 4 سيٽر جهاز اڏائي ڏٺو ۽ هن جي ڪٽ گهرائي ڇوته برطانيا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هو

Knowledge Section: आखिर क्यों सफेद रंग के ही होते हैं हवाई जहाज, जानें वजह - Betul Crime News

هن برطانوي ايوي ايشن ماهرن جي نگراني ۾ گهر جي باغ ۾ هڪ گيراج ٺاهي ڪم شروع ڪيو. ان سفر ۾ هن جي ڌيئرن به ساڻس مدد ڪئي ۽ هن 7.175 ميٽر ڊگهي ۽ 2.45 ميٽر بلند جهاز تي ڪم شروع ڪيو

ڏيڍ سال جي محنت ۽ ماهرن جي 12 ڀيرا جاچ پڙتال کانپوءِ هڪ لائٽ ايئرڪرافٽ بڻجي ويو. اشوڪ جهاز کي ڌيءُ جي نالي تي رکيو ۽ جنوري 2022ع ۾ هن جي آزمائشي اڏام ڪئي جيڪو 20 منٽن تي ٻڌل هئي. پوءِ مئي 2022ع ۾ هن کي باقاعده پرمٽ ملي وئي. هاڻ اشول پنهنجي گهر واري سميت يورپ وڃڻ جو ارادو رکي ٿو

جهاز مان نانگ نڪري آيو، مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون

فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز) فلوريڊا کان نيو جرسي ويندڙ اڏام ۾ نانگ نڪري آيو، جنهن کي ڏسي مسافر ڊڄي ويا ۽ ڄنگهون مٿي ڪري ويهي رهيا. آمريڪي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائنز جي فلوريڊا کان نيو جرسي ويندڙ اڏام 2038 ۾ اوچتو نانگ نڪري آيو

گارٽر نالي نانگ کي پنهنجي ويجهو ڏسي مسافر خوف ۾ وٺجي ويا ۽ انهن عملي کي آگاهه ڪيو. جهاز ۾ نانگ ان وقت سامهون آيو، جڏهن اهو پنهنجي منزل جي ويجهو پهچي چڪو هو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ جهاز جي لينڊنگ به ڪئي

جڏهن جهاز رن وي تي لٿو ته ايئرپورٽ عملي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن گڏجي ان نانگ کي جهاز مان ٻاهر ڪڍيو. نانگ جي جهاز ۾ موجودگي سان ڪو مسافر متاثر ته نه ٿيو پر ايئرپورٽ جا آپريشنز متاثر ٿي ويا

اختيارين موجب جهاز جي عملي نانگ جي موجودگيءَ جو اطلاع ڏنو، واقعو 17 آڪٽوبر جو آهي، جڏهن ته نانگ جهاز ۾ ڪيئن پهتو اها خبر ناهي پئجي سگهي