ڪراچي(شوبز نيوز) سنڌي ڊرامن ۾ ڪمداريءَ جي حوالي سان سڃاڻپ ٺاهيندڙ مشهور اداڪار مير محمد لاکو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  منهنجو سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو، منهنجي پٽن جا گهر ڪِري پيا، فصل ٻڏي ويا، آئون بيروزگار، منهنجا پٽ بيروزگار ايئن کڻي چئون سمورا فنڪار بيروزگار، اداڪار بيروزگار  ڪير پرگهور لهڻ وارو ناهي، نه ڪي حڪومت ٿي پڇي، نه ڪلچر ٿو پڇي، نه سردار شاهه کي ڪا خبر نه ٿي پوي ته اسان جا فنڪار ڪيترا ڏکيا آهن، ڪلچر ڪنهن جو آهي، ڊپارمينٽ ايترو پئسو ڪيڏانهن ڪندو، اداڪارن، اديبن ۽ غريبن لاءِ ڪجهه ڪن، ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيون، اسان ڪيڏانهن وڃون، ڪنهن کي چئون. خدا جي واسطي غريبن جي پارت اٿو، غريبن کي ڏيو، اربين کربين رپيا امداد ملي اٿو، اهي پئسا ورهايو ڇونه ٿا، اسان ڪنهن کان گهرون، خدا جي واسطي ڏيو، مهانگائي سبب ڪجهه کائڻ لاءِ به نٿا وٺي سگهون، سڀني اداڪارن فنڪارن جي سار لهو، ڪنهن کي چوان ته منهنجي گهر ۾ اٽو ڪونهي، هن روئيندي الله کي ٻاڏائيندي الله مان اميد ظاهر ڪئي. هن وڏي وزير مراد علي شاهه، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري کان هٿ ٻڌي مطالبو ڪيو ته سنڌي ماڻهن جي مدد ڪيو.