حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لاڙ سنڌ ۾ زوردار برساتن بعد ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهن جي وهڪرن ۾ لاٿ آندي وئي آهي، ڪوٽڙي بئراج جي مٿانهين  پاسي 99 هزار 485 ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ٿيو آهي، جڏهن ته لهواري پاسي 78 هزار 680 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. مجموعي طور 4 واهن لاءِ 20 هزار 805 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت ڪئي وئي. ڪي بي فيڊر جي وهڪرن ۾ لاٿ آڻي 3 هزار 200 ڪيوسڪ، اڪرم واهه جي وهڪرن ۾ لاٿ آڻي هڪ هزار 330 ڪيوسڪ، اولڊ ڦليلي جي وهڪرن ۾ لاٿ آڻي 5 هزار 750 ڪيوسڪ ۽ نيو ڦليلي جي وهڪرن ۾ لاٿ آڻي 10 هزار 525 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي سطح 49.9 فٽ، چوٽياريون ڊيم جي سطح 10 فٽ ۽ منڇر جي سطح 112.3 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.