ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 10 سيڪڙو برسات متاثرن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائٽڊ پارٽي جي صدر زين شاھه چيو ته پرڏيهي امداد جي لالچ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي هٿ سان ٻوڙايو ويو آهي، حڪومت جي غفلت ڪري سنڌ جا لکين شهري بي گھر  ٿيا. سنڌ جي ۶۹ لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ آئي ڪپهه، سارين ۽ ڀاڄين جي تباهي ۽ چوپائي مال جي مرڻ سبب سنڌ کي اربين رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ڪري گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، ٽائفائيڊ، چمڙي سميت ٻين وبائي بيمارين ڪر کنيو آھي. هن چيو ته حڪمرانن  2010ع  جي ٻوڏ باوجود سبق نه سکيو، موسميات کاتي جي اڳڪٿي باوجود حڪومت اڳواٽ قدم نه کنيا جنهن ڪري لکين ماڻهو متاثر ٿيا. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي برسات  متاثر 10 سيڪڙو ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪيو وڃي.