جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت ۾ برسات متاثرن جي لاءِ آيل فنڊز ۾ مبينا ڪرپشن ۽ سهولتون مهيا نه ڪرڻ بابت شهري جي داخل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت لاڳاپيل عملدارن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، غيرحاضري تي ايم ايس ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري، ان ڏس ۾  جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ شهري محمد اعظم عارباڻي جي برسات متاثرن لاءِ ايندڙ فنڊز ۾ مبينا طور ڪرپشن ۽ متاثرن کي سهولتون فراهم نه ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ روينيو، خزاني، صحت، پوليس سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، لاڳاپيل عملدارن پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جڏهن ته ذريعن موجب روينيو، صحت، پوليس سميت لاڳاپيل عملدارن جي رپورٽ اڻپورو هئڻ سبب  عدالت رپورٽ رد ڪري ڇڏي، عدالتي حڪم باوجود سول اسپتال جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ جي پيش نه ٿيڻ تي سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ٻي طرف  شهري محمد اعظم عارباڻي  ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا سميت لاڳاپيل عملدارن عدالت ۾ اڻپوري رپورٽ پيش ڪئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سول اسپتال جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو جي ايم ايس جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.