ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڳڻي ۾ برسات سٽيل ماڻهن جي بحالي وارو عمل جوڊيشل آفيسرز جي نگراني ۾ ڪرائڻ بابت درخواست ابتدائي ٻڌڻي بعد رد ڪري ڇڏي،  وڪيل مريد علي شاهه پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته موسميات کاتي برساتن ۽ ٻوڏن بابت اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پي ڊي ايم اي آگاهي باوجود ڪي به انتظام نه ڪيا، پٽيشنر موجب  برساتن سبب بيٺل فصل تباهه ٿي چڪا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، هزارين شهري حياتيون وڃائي ويٺاآهن، پٽيشنر  موجب صاف پاڻي نه هئڻ سبب بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. نوشهرو فيروز ۾ 20 آگسٽ تي  595 ملي ميٽر برسات ٿي هئي، سنڌ حڪومت وسيلا هوندي به نوشهرو فيروز جي ماڻهن جي بحالي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هن عدالت کي گذارش ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي انگن اکرن جو تعين ڪري فنڊز جي استعمال جي نگراني ججن حوالي ڪرڻ جو  حڪم ڏنو وڃي.